رند ۽ لاشار جي جنگ

رند ۽ لاشار جي جنگ: هيءَ جنگ، رند ۽ لاشاري قبيلن وچ ۾ لڳل مشهور جنگ آهي، جيڪا ٽيهن سالن تائين جاري رهي. هن جنگ جا 25 معرڪا ٿيا، جن مان پندرهن معرڪا مير خان رند'>چاڪر خان رند فتح ڪيا ۽ ڏهه معرڪا گهرام خان لاشاريءَ فتح ڪيا. هن جنگ ۾ مارجي ويندڙن جو هڪ الڳ ۽ قديم قبرستان موجود آهي، جنهن ۾ لاشارين جي سمورن پاڙن جا ڪيترا ماڻهو دفن آهن، جن ۾ بنگلاڻي، جاڳواڻي، توهم خاني، مير خاني، جيرواڻي، سوڍاڻي، ڪالياڻي، حدياڻي، مبارڪاڻي، بهراماڻي، سوهاناڻي، بگراڻي، ڪمالاڻي، پير محمداڻي، شهداداڻي، رشيداڻي، مزارخاني، توبندياڻي اچي وڃن ٿا.
رند ۽ لاشار جي جنگ جي ڪري سنڌ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو، ان جو فائدو وٺي قنڌار جي ارغونن ٺٽي تي حملو ڪري، سنڌ کي فتح ڪري ان کي غلام بڻايو. نتيجي طور اهل سنڌ ٻن صدين تائين يعني ڪلهوڙن جي دور تائين وري ڏيهي راڄ نه ڏسي سگھيا. ان کانسواءِ هن جنگ جي ڪري بلوچ قبيلا ڇڙوڇڙ ٿيا ۽ سندن اتحاد ختم ٿي ويو. ان بعد ڪي قبيلا سنڌ ڏي پناهه لاءِ پهتا ۽ ڪي وڃي پنجاب تائين نڪتا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو